شيث عه

شيث عه: حضرت آدم عليه السلام جو ٽيون نمبر پٽ حضرت شيث عليه السلام. لفظ شيث جي معنيٰ آهي الله جي بخشش يا عطا يعني ڏات.حضرت شيث، هابيل جي قتل ٿيڻ بعد پنجن سالن کانپوءِ ڄائو، جڏهن سندس پيءُ آدم عليه السلام جي عمر 120 سال هئي ۽ جڏهن قابيل، هابيل کي ماري وڌو ته آدم عليه السلام کي ان جو گهڻو صدمو رسيو، ان ڪري الله تعالى ان کي نعم البدل طور پٽ ڏنو. ان مناسبت سان ان جو نالو شيث عليه السلام يعني الله تعالى جو عطيو رکيائين. ابنِ اثير جي سمجهاڻي مطابق شيث عه الله تعالى جو نبي هو، جنهن تي پنجاهه صحيفا نازل ٿيا. حضرت آدم عليه السلام پنهنجي فوت ٿيڻ کان اڳ کيس پنهنجو وارث ۽ وصي مقرر ڪيو هو. هي شيث عه ئي هو، جنهن کان انساني نسل هليو. ڇو ته هابيل بنا اولاد جي قتل ٿي ويو ۽ قابيل جا سڀ وارث ٻوڏ ۾ ٻڏي مري ويا. اُن انهن صحيفن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو، جيڪي هن تي ۽ سندس والد حضرت آدم عليه السلام تي لٿا. ان ڪعبة الله شريف کي پٿرن ۽ چيڪي مٽي سان ٺاهيو. ان جي وفات کانپوءِ سندس پُٽ ‘انوش’ اُن جي پڳ سنڀالي. سندس عمر 921 سال ٻڌائي وڃي ٿي. حضرت آدم کي ڏاڙهي نه هئي ۽ حضرت شيث کي ڏاڙهي هئي ۽ کيس ‘اورپا’ به سڏيو ويندو هو. انهيءَ سرياني لفظ جي معنيٰ ‘استاد’ ڪئي وڃي ٿي.


لفظ شيث عهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو